سنڌ ڪابينا ڪمند جو اگهه 182 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
January 7, 2019 at 8:34 pmڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا صوبي ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين جي خالي جاين کي ڀرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ موجوده الاٽمنٽ پاليسي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ان دوران ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 5 سيڪڙو هائوس رينٽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪاٽيو ويندو آهي ۽ صوبي ۾ 5 هزار سيڪريٽريٽ ملازمن رهائش گهري رهيا آهن. ڪابينا اجلاس ۾ الاٽمنٽ پاليسي تي ڪميٽي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ توانائي وارو وزير، انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي وارو وزير ۽ وڏي وزير جو قانون بابت صلاحڪار هوندو، هي ڪميٽي الاٽمنٽ پاليسي جو جائزو وٺي سفارشون پيش ڪندي. ان کان سواءِ سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب صوبي ۾ نيون ڀرتيون ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جي تحت گريڊ هڪ کان 15 تائين جون خالي جايون ڀريون وينديون. سنڌ ڪابينا ڪمند جو اگهه 182 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي جڏهن ته ڪابينا زراعت واري وزير کي مارڪيٽ ڪميٽي بڻائڻ جا به اختيار ڏئي ڇڏيا آهن. سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب ڪابينا سنڌ انجرڊ پرسن ڪمپلسري ميڊيڪل ٽريٽمنٽ بل منظور ڪري ورتو.