سينيٽ اجلاس: اپوزيشن ساهيوال سانحي جي حوالي سان جي آءِ ٽي کي رد ڪري ڇڏيو

January 21, 2019 at 8:47 pm

اسلام آباد(بيورو) حڪومت جي مخالفت جي باوجود سينيٽ ۾ معمول جي ايجنڊا کان هٽي ساهيوال سانحي تي عام بحث ٿي، اپوزيشن ساهيوال سانهي جي باري ۾ جي آءِ ٽي کي رد ڪندي بيگناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث سي ٽي ڊي اهلڪارن جي خلاف فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ اجلاس شروع ٿيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا ظفرالحق معمول جي ايجنڊا کان هٽي ساهيوال سانحي تي بحث جو مطالبو ڪيو، جنهن جي پيپلزپارٽي سميت اپوزيشن پارٽين حمايت ڪئي.قائد ايوان شبلي فراز رجا ظفرالحق جي مطالبي جي مخالفت ڪندي چيو ته ملڪ ۾ روز سانحي ٿيندا آهن، اسان قانونسازي بدران بحث ۾ الجهي ويندا آهيون.قائد ايوان جي مخالفت جي باوجود سينيٽ چيئرمين ساهيوال سانحي تي بحث جي اجازت ڏيندي چيو ته پورو ايوان ساهيوال سانحي تي بحث جو مطالبو ڪري رهيو آهي، ان کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.بحث جي شروعات ڪندي مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا ظفرالحق ساهيوال سانحي جي حوالي سان ٺاهيل جي آءِ تي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته جي آءِ ٽي جي جوڙ هڪ رواج بڻجي ويو آهي.پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو ته ڏينهن ڏٺي قتل تي جي آءِ ٽي جي ڪابه روايت ناهي، عدالت کان مٿانهين قتل جي روايت رڪجڻ گهرجي، اڻچاتل ماڻهن تي ڪيس ۽ جي آءِ ٽي تي جي آءِ ٽي بڻجي رهي آهي.سينيٽر سراج الحق چيو ته حڪومت ساهيوال سانحي تي ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ پنهنجي موقف جي حوالي سان ست ڀيرا يوٽرن ورتو، حڪومت ساهيوال سانحي تي ٻه ڪروڙ معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڏوهه جو اعتراف ڪيو.سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته چيو پيو وڃي ته انٽيليجنس جي بنياد  تي ڪارروائي ڪئي وئي، سڀ کان پهريان ان آفيسر کي سزا ڏيو جنهن اطلاع ڏني ته اهي دهشتگرد آهن

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو