سپريم ڪوٽ عورت ۽ 4 ٻارن جي قاتل جي 5 ڀيرا موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

February 13, 2019 at 7:37 pm

اسلام آباد( بيورو) سپريم ڪوٽ عورت ۽ 4 ٻارن جي قاتل جي 5 ڀيرا موت جي سزا کي عمر ۾ قيد ۾ تبديل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت جوابدار فيصل کي 4 ڀيرا موت جي سزا ڏيڻ جو پشاور هاءِ ڪورٽ حڪم برقرار رکندي بربيت جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي، جوابدار فيصل 2009 ۾ پشاور ۾ عورت، 3 ٻارن ۽ ننڍي عمر جي ملازم عورت کي قتل ڪيو هو، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽرائل ڪورٽ هن کي 5 ڀيرا موت جي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو جنهن کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج  ڪيو ويو جيئن ته عدالت به ٽرائل ڪورٽ جي حڪم کي برقرار رکيو، چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسا ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا ته زيور چوري ڪرڻ لاءِ  عورت ۽ ٻارن کي قتل ڪيو ويو، ٻارن کي ان لاءِ قتل ڪيو ويو ته بعد ۾ اهي شاهد نه بڻجن، قتل کي لڪائڻ جوابدار گهر کي باهه ڏني،  خيبرپختونخوا حڪومت به جوابدار فيصل جي اپيل جي مخالت ۽ ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته 5 ماڻهن جو قتل ڪنهن رعايت جو مستحق ناهي ۽ فيصل مجسٽريٽ جي سامهون ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو