سڀ ڪجهه گهرو وزير پيو ڪرائي، سليڪٽيڊ وزيراعظم کي ڪا خبر ناهي: آصف زرداري
June 12, 2019 at 4:31 amاسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب جي درخواست منظور ڪندي کيس 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. نيب طرفان مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ٿيل اڳوڻي صدر آصف زرداري کي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ٻڌڻيءَ دوران ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب مظفر عباس جسماني رمانڊ جي استدعا ڪندي چيو ته بئنڪ اختيارين جي مدد سان جعلي بئنڪ اڪائونٽس کوليا ويا، ڪيس جي جوابدار آصف زرداري کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سندس جسماني رمانڊ جي ضرورت آهي. جج ارشد ملڪ پُڇيو ته آصف زرداري کي ڪهڙن بنيادن تي گرفتار ڪيو ويو آهي، نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ آصف زرداري کي گرفتار ڪرڻ جي حوالي سان شاهديون پيش ڪيون ۽ چيو ته گرفتاري لاءِ 8 پختا گرائونڊز آهن، جڏهن ته آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏنا ۽ جسماني رمانڊ واري درخواست جي مخالفت ڪئي، هڪ موقعي تي فاروق ايڇ نائڪ عدالت ۾ جذباتي ٿي ويو ۽ چيو ته ڪالهه مون کي هاءِ ڪورٽ ۾ فوٽو ڪاپيز ڪرائڻ لاءِ موڪليو ويو، مون کي چيو ويو ته جِن ڪيسز جو حوالو ڏنو آهي، اُنهن جون نقل ڪاپيون مهيا ڪريو. آئون جڏهن فوٽو ڪاپيز ڪرائڻ ويس ته پويان فيصلو ٻڌايو ويو، هاڻ مان ڪيڏانهن وڃان ۽ ڪنهن کان انصاف گهران. عدالت محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي آصف زرداري کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته کيس 21 جون تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ٻئي پاسي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته عمران خان کي لنڊن ڀڄندي ڏسي رهيو آهي، مون کي پارليامينٽ مان آئوٽ ڪيو ويو ته ڪو فرق نه پوندو، مون کانپوءِ بلاول هوندو ۽ بلاول کانپوءِ وري آصفه هوندي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران صحافين آصف زرداري کان سوال پُڇيو ته جهڙي ريت نواز شريف کي پارليامينٽ مان آئوٽ ڪيو ويو، ڇا توهان تي به ساڳيو ئي فارمولا اپلاءِ ٿي رهيو آهي؟ جواب ۾ آصف زرداري چيو ته ڪهڙو فرق پوندو، آئون نه هوندس ته بلاول ته هوندو، بلاول نه هوندو ته آصفه هوندي. اڳوڻي صدر چيو ته قائد اعظم جي دور ۾ به اچڪزئي جو والد گرفتار هو، پر اسان جي دور ۾ هڪ به سياسي قيدي نه هو، اسان ته موت جي سزا تي به پابندي لڳائي ڇڏي هئي. آصف زرداري چيو ته عمران خان کي لنڊن فرار ٿيندي ڏسي رهيو آهيان. صحافين سوال ڪيو ته نواز شريف ميمو گيٽ اسڪينڊل تي افسوس جو اظهار ڪيو، ڇا توهان کي بلوچستان حڪومت ڪيرائڻ تي افسوس آهي؟ جنهن تي آصف زرداري چيو ته سياست ۾ انسان کي پوزيشن وٺڻي پوندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هُن چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم کي ڪابه خبر ناهي، سڀ ڪجهه گهرو وزير ڪرائي رهيو آهي.