سک ٽيڪسي ڊرائيور کي ڀاڙو وٺڻ کان انڪار تي ماني جي دعوت ڏني: ياسر شاهه
November 28, 2019 at 4:43 pmنئين دهلي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني رانديگر ياسر شاهه جنهن سک ٽيڪسي ڊرائيور سان گڏ آسٽريليا ۾ ماني شيئر ڪئي هئي ان جو چوڻ آهي ته سک ٽيڪسي ڊرائيور مون کان ڀاڙو وٺڻ کان انڪار ڪيو هو جنهن تي ما/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 78
ن کيس ماني جي دعوت ڏني هئي.ياسر شاهه هن وقت ٽيسٽ ميچ کيڏڻ لاءِ آسٽريليا ۾ موجود آهي هن چيو ته جڏهن هو پنهنجي 4 ساٿي رانديگرن سان گڏ ماني کائڻ لاءِ هوٽل وڃي رهيو هو ته ٽيڪسي ڊرائيور کيس سڃاڻي ورتو. هن چيو ته اسان کي برسبين ۾ ڪنهن پاڪستاني ريسٽورينٽ بابت خبر نه هئي ان لاءِ اسان(ياسر شاهه، عمران خان، نسيم شاهه، محمد موسيٰ ۽ شاهين شاهه آفريدي) ٽيڪسي ڀاڙي تي ڪئي.