شاهه محمود قريشي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاران ڏنل قيمتي تحفا توشه خاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا

February 13, 2019 at 7:38 pm

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاران ڏنل قيمتي تحفا توشه خاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا ۽ چيو آهي ته ماضي ۾ حڪومتي عهديدارن پرڏيهي ملڪن کان ملندڙ تحفن کي پنهنجو حق سمجهندا هئا. تفصيلن موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي عرب جي قيمتي تحفا پاڻ وٽ رکڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، پرڏيهي وزير  کي سعودي عرب دوري ۾ 63 لکن جا تحفا مليا هئا، هن تحفا توشه خاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.دستاويز موجب تحفا 48 لک 50 هزار رپين جي قيمت جا آهن جنهن ۾ روليڪس واچ، ساڍن نون لکن جي سون جي پين، هڪ لک 35 هزار سون جا ڪف لنڪس شامل هئا جڏهن ته شاهه محمود قريشي کي 2 لک 5 هزار رپين جي سون جي تسبي به ڏني وئي هئي. پرڏيهي وزير کي 2 لک 10 هزار سون جي سوني منڊري به تحفي ۾ ملي هئي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ماضي ۾ حڪومتي عهديدارن پرڏيهي ملڪن پاران مليل تحفن کي پنهنجو حق سمجهندا هئا.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو