شاهين آفريدي جي انگريزي جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ ڊين جونز ميدان ۾ اچي ويو

December 1, 2019 at 5:48 pm

لاهور(اسپورٽس نيوز) شاهين شاهه آفريدي جي انگريزي جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ ڊين جونز ميدان ۾ اچي ويو.چانهه جي وقفي تي ٽي وي ميزبان پاڪستاني پيسر کي رستي ۾ ئي گهيري ورتو  هن ڪجهه سوالن جا جواب به ڏنا.جنهن کان/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 78

 پوءِ هڪ آسٽريليا جي صحافي  سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي تنقيدي جملا لکيا هن چيو ته مون کي شاهين شاهه جو هڪ به لفظ سمجهه ۾ نه آيو.  جنهن کان پوءِ شاهين شاهه جو بچاءَ ڪندي ڊين جونز چيو ته شاهين شاهه  آفريدي گهٽ ۾ گهٽ ڪوشش ته ڪئي، انگريزي ان جي بئي زبان آهي.اسان جا رانديگر به ته يو اي اي ۾ کيڏڻ ويندا آهن ته اتي هو اردو نه ڳالهائي سگهندا آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو