شهباز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو چئلينج ڪنداسين:فواد چوڌري
March 26, 2019 at 7:44 pmاسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو چئلينج ڪنداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪ ڏنو آهي، اسان ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين، شهباز شريف جو رڪارڊ اهو آهي ته خاندان جو فرد ٻاهر ويو واپس نه آيو، مان ان تي به حيران آهيان ته ميان شريف جي ٺاهيل اتفاق اسپتال تي به اعتبار ناهي. هن چيو ته نواز شريف کي 6 هفتن جي ضمانت ڏني وئي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا، نواز شريف جو موقف هڪ ڀيرو ٻيهر بي نقاب ٿي ويو آهي، هو چوي ٿو مون کي ڪا بيماري ناهي پر جيل ۾ ذهني پريشاني آهي، ان تي چيف جسٽس جو سوال بلڪل درست هو ته جيڪڏهن اها پريشاني آهي ته جيل ۾ ٻين قيدين کي به هوندي، پوءِ انهن جو ڇا ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ پابندي لاڳو ڪئي آهي ته نواز شريف ملڪ کان ٻاهر نٿو وڃي سگهي، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم نواز شريف کي آڇ ڪئي هئي ته توهان جنهن اسپتال ۾ وڃڻ چاهيو، جنهن ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ چاهيو ته ڪرايو، اسان جي آڇ کان مختلف فيصلو نه ٿيو، جيڪڏهن نواز شريف مستقل وڃڻ چاهي ٿو ته ان جو حل به آهي، هو پاڪستاني عوام جا پئسا واپس ڪري ۽ پوءِ ڏسي ڇڏيون ٿا ته پلي بارگين جو سڄو قانون موجود آهي، نواز شريف کي صحيح قانوني مشاورت وٺڻ گهرجي، جيڪا اها آهي ته پاڪستاني عوام جا پئسا واپس ڪرڻا پوندا، اسان ڏسنداسين ته نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي ضرورت آهي يا نه.