شهباز شريف ۽ نوازشريف جي واپسي ۾ دير ڏسي رهيو آهيان: شيخ رشيد

December 5, 2019 at 4:50 pm

اسلام آباد(بيورو) ريلوي  واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته شهباز شريف ۽ نوازشريف جي واپسي ۾ دير ڏسي رهيو آهيان.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان دنيا جي ان ملڪن ۾ آهي جتي مسافر ٽرينون منافعي ۾ وڃي رهيون آهن. مارڪيٽ جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو لاٿ ڪري /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 07

رهيا آهيون ۽ ريلوي جي خساري کي 3 سالن ۾ ختم ڪري ڇڏينداسين. جڏهن ته 14 ڊسمبر تي واهگا بارڊر جلوموڙ ٽرين شروع ڪري رهيا آهيون. شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف، نوازشريف سان گڏ ٽوڪن جي طور تي ويو آهي. شهباز شريف جڏهن سچ  ڳالهائيندو ان وقت سندس سياست ختم ٿي ويندي. هن چيو ته مان ٻنهي جي واپسي ۾ دير ڏسي رهيو آهيان. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ  طئي ٿيل مسئلو آهي ۽ ان ۾ واڌ سادي اڪثريت سان ٿيندي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو