شهرين جي حقن جي حفاظت ۽ انصاف جي فراهمي رياست جي ذميواري آهي: وزيراعظم
November 22, 2018 at 7:43 pmاسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شهرين جي حقن جي حفاظت سولي انصاف جي فراهمي رياست جي ذميواري آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ليگل ريفارمز بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قانون واري
وزير بئريسٽر فروغ نسيم وزيراعظم کي قانوني سڌارن بابت بريفنگ ڏني. قانون واري وزير چيو ته سڌارن جو مقصد موجوده قانونن ۾ ترميم ۽ نوان قانون لاڳو ڪرڻ آهي، جلد انصاف جي فراهمي لاءِ ٽيڪنالوني سلو شنز کي متعارف ڪرايو پيو وڃي، نادرا ۽ ڪمزور طبقن کي رياست قانوني مدد فراهم ڪندي، عورتن جي وراثت سميت حقن جي حفاظت لاءِ خاص قانون متعارف ڪرايا پيا وڃن، 9 سالن کان التوا جو شڪار ميوچل ليگ اسسٽنٽس بل متعارف ڪرايو ويندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته شهرين جي حقن جي حفاظت ۽ سولي انصاف جي فراهمي رياست جي ذميواري آهي، انصاف جو فراهمي جو عمل وسيلن تي ناهي، رياست جو احساس ذميواري ۽ رحم سان واڳيل آهي. هن چيو ته ڪمزور طبقن کي انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، جڏهن ته عورتن، ٻارڙن ۽ گهريلو ملازمن جي حقن لاءِ قدمن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.