شيخ رشيد بلاول کي قتل جي ڌمڪين تي لهي آيو آهي، کيس سزا ڏني وڃي: بختاور ڀٽو جو مطالبو
March 18, 2019 at 6:24 amڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ بختاور ڀٽو زرداري چيو آهي ته شيخ رشيد بلاول کي سڌو قتل جي ڌمڪين تي لهي آيو آهي، جنهن جو سمورو خاندان قتل ڪيو ويو ان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هن مطالبو ڪيو ته تعصب پرست شيخ رشيد کي سزا ڏني وڃي.اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڌيءَ بختاور ڀٽو زرداري سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته شيخ رشيد بلاول کي قتل جي ڌمڪين تي لهي پيو، انتهاپسندن جون ڀٽو کي ڌمڪيون نيون ناهن، هاڻ وفاقي وزير سرعام قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته جنهن جو پورو خاندان قتل ڪيو ويو ان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃڻ، بختاور ڀٽو مطالبو ڪيو ته تعصب پرست شيخ رشيد کي سزا ڏني وڃي.ڀٽو خاندان جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون، جنهن ملڪ لاءِ اسان جي وڏڙن جانيون قربانيون ڪيون ان ملڪ جا ڪجهه سياسي اڳواڻ به اسان کي ڌمڪيون پيا ڏين. شيخ رشيد جي ڌمڪين جو نوٽيس وٺي ان کي سزا ڏني وڃي، اهڙي وزير کي عهدي تي رهڻ جو ڪو به حق ناهي