شيخ رشيد جي ڌمڪي کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگهجي:نفيسا شاهه

March 18, 2019 at 6:38 am

اسلام آباد(بيورو)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وفاقي وزير شيخ رشيد وچ ۾ لفظي جهيڙو تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو، پيپلزپارٽي شيخ رشيد خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ريلوي واري وزير شيخ رشيد خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ وڪيلن سان مشاورت جي شروعات ڪري ڇڏي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن جو دورو ڪندي بلاول ڀٽو زرداري کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو ته ٻچو بچي کيڏي ته سٺو آهي نه ته سندس هٿان سياست موت ماريو ويندو.ريلوي واري وزير جي بيان تي ردعمل ڏيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نفيسا شاهه جو چوڻ هو ته شيخ رشيد جي ڌمڪي کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگهجي.هن شيخ رشيد جي الزام هڻندي چيو ته شيخ رشيد پابندي مڙهيل تنطيمن جو سهولتڪار آهي، غور ڪري رهيا آهيون ته شيخ رشيد ڪهڙي ڪارنر جو پيغام ڏنو.هن جو چوڻ هو ته پشاور روڊ جي فقير پنهنجي اها اوقات ناهي جو ڌمڪي ڏئي، جيالا لوهي ڀت بڻجي پنهنجي قائد جي حفاظت ڪندا، انهن جي صبر کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي.ه جيڪڏهن شيخ رشيد اڃا به ڪابينا جو حصو رهيو ته سمجهيو ويندو ته ڌمڪي حڪومت طرفان آهي. ڏسڻو هوندو ته اهي ڌمڪيون حڪومت، ڪالعدم جماعتن يا ڪنهن ٻئي ڪوارٽر طرفان اچي رهيون آهن، شيخ رشيد ڪيترن ئي ڪوارٽرز جو ترجمان بڻيل آهي، تنهنڪري سڀني کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻي پوندي، هن چيو ته بلاول بهادر والدين جو دلير پٽ آهي، کيس ڌمڪين سان ڊيڄاري نه ٿو سگهجي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو