شيخ رشيد ريلوي جي ڀاڙن ۾ اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو
December 3, 2018 at 10:00 pmراولپنڊي ( اسٽاف رپورٽر ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد ريلوي ڀاڙن ۾ اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. راولپنڊيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڊالر مهانگو ٿي ويو آهي، تنهن ڪري ريلوي ڀاڙن ۾ اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته ريلوي اسٽيشن تي وائي فائي هلائي رهيا آهن، جڏهن ته معذور ماڻهن جي سهولت لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ٽريڪنگ سسٽم جي به شروعات ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته سياحن لاءِ سفاري ٽرين هلائي ويندي ۽ 23 ڊسمبر تي ڪراچي کان پشاور تائين رحمان بابا ايڪسپريس جو افتتاح ڪيو ويندو. شيخ رشيد چيو ته سرڪلر ريلوي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪراچي وڃي رهيو آهيان ۽ ان معاملي تي چيف جسٽس سان تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن، اسان نه ٿا چاهيون ته ماڻهن جا گهر ڪيرايا وڃن. ريلوي واري وزير اعلان ڪيو ته ڪانٽريڪٽ ملازمن کي پڪو نه ڪري رهيا آهيون، کين آپشن ڏئي رهيا آهيون ته ملازمن ڏنل اشتهار بعد نوڪري لاءِ اپلاءِ ڪن.