شيخ رشيد سياست جي نالي تي ڪارو داغ آهي :مرتضيٰ وهاب

February 4, 2019 at 9:06 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ جي اطلاعات ، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار  بئرسٽرمرتضيٰ وهاب پاران شيخ رشيد جي بلاول ڀٽو زرداري بابت بيان تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شيخ رشيد جهڙا نام نهاد سياستدانن سبب ئي سياستدان بدنام ٿين ٿا. شيخ رشيد سياست جي نالي تي ڪارو داغ آهي. ريلوي واري وزارت کي تباهه ڪرڻ واري شيخ رشيد کي بلاول ڀٽو زرداري خلاف ڳالهائڻ نه سونهين. هن چيو ته شيخ رشيد پنهنجن دوستن کي ڏنگڻ وارو نانگ آهي، کيس ماضي سان خاص طور پنڊي جي پڙهيل لکيل عوام سٺي ريت واقف آهي. ريلوي جو موصوف وزير ڄاڻي وٺي ته بلاول ڀٽو زرداري روشن پاڪستان جي ضمانت آهي بلاول ڀٽو زرداري هن ملڪ جو روشن آئيندو آهي. بيرسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته شيخ رشيد سياسي بيان بازي بدران تباهه حال ريلوي پاران ڌيان ڏئي ته بهتر آهي ڇوته کيس اچڻ سان وزارت ريلوي جو جيڪو حال آهي انهيءَ کان عوام پريشاني جو شڪار آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو