عتيقه اوڍو کان متاثر ٿي شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو: اداڪاره جويريه عباسي

November 19, 2019 at 5:29 pm

لاهور(شو بز نيوز)  مشهور اداڪاره جويريه عباسي چيو آهي ته سينئر اداڪاره عتيقه اوڍو جي اداڪاري مان متاثر ٿي شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو.  رپورٽ موجب هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ع

تيقه اوڍو جي اداڪاري مان تمام گهڻي متاثر آهيان ۽ ان جا ڊراما ڏسي منهنجي اندر جو فنڪار سجاڳ  ٿيو جنهن  کان پوءِ ٽي وي تي اداڪاري جو آڊيشن ڏنو جنهن ۾ مان ڪامياب ٿي ويس.  جويريه عباسي چيو ته منهنجي ماءُ حڪمت ڪندي هئي. امڙ مون کي به ان شعبي ۾ آڻڻ ٿي چاهيو پر  منهنجي ان ۾ دلچسپي نه هئي. اداڪاره چيو ته شوبز انڊسٽري ۾ اچي مون تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.  واضح رهي ته جويريه عباسي کي دل ديا دهليز ڊرامي ۾ مرڪزي ڪردار نڀائڻ کان پوءِ شهرت ملي جنهن کان پوءِ دوراها، بي قصور، بدگمان سميت ڪيترن ئي ٽي وي ڊرامن ۾ هن بهترين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. �

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو