عدالت جي آبزرويشن جو احترام ڪريان ٿو، ڪيس ۾ پنهنجا دليل جاري رکندس:رضا رباني
January 4, 2019 at 8:44 pmاسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ ارڙهين ترميم ۾ صوبائي اختيارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سينيٽر رضا رباني جي معاملي تي فل ڪورٽ جوڙڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس اعجاز الحسن چيو ته عدالت ارڙهين ترميم جو جائزو نه وٺي رهي آهي پر عدالت سامهون معاملو ارڙهين ترميم تحت ڪجهه اسپتالون ختم ڪرڻ جو آهي. سينيٽر رضا رباني عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ دليل ۾ چيو ته عدالت گذريل ڏينهن مختلف سوال اٿاريا، مناسب هوندو ته معاملي تي فل ڪورٽ جوڙي وڃي. عدالت سينيٽر رضا رباني جي معاملي تي فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن بعد رضا رباني چيو ته عدالت جي آبزرويشن جو احترام ڪريان ٿو، ڪيس ۾ پنهنجا دليل جاري رکندس، ارڙهين ترميم کانپوءِ ڪليئرٽي لاءِ 19 هين ترميم آندي وئي آهي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن صوبا صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ ڪوشش نه ڪن ته ڇا وفاقي سرڪار مدد لاءِ نه اچي، ڇا صوبي کي صحت جي شعبي جو مڪمل اختيار ڏنو وڃي ۽ ڇا وفاقي حڪومت ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ ۾ ڪو ڪردار ادا نه ٿي ڪري سگهي. سينيٽر رضا رباني چيو ته ٿي سگهي ٿو ته منهنجي تشريح غلط هجي، آئين جي منشا آهي ته صحت جو شعبو صوبا ڏسندا، جيڪڏهن اسپتال صوبن کي نه ملندي ته آئين جو آرٽيڪل اهميت وڃائي ويهندو. چيف جسٽس چيو ته 18 هين ترميم کي عدالت آئيني ۽ درست قرار ڏنو آهي، هي ڪو ليگل سياسي اشو ناهي، اسان وٽ ننڍي وڏي صوبي جو سوال ئي ناهي، ننڍن وڏن صوبن جو فرق پيدا نه ٿا ڪرڻ چاهين، عدالت سامهون سوال قانوني آهي