عدليه ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي محافظ آهي: چيف جسٽس

November 12, 2018 at 5:07 pm

اسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته عدليه ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي محافظ آهي،  بالادستي لاءِ ڪم جاري رکيو ويندو. اسلام آباد ۾ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته انصاف کي قائم رکڻ جو ويزن ڪهڙو هوندو آهي، اها مون کي خبر آهي. هن چيو ته انصاف جي فراهمي ڪرڻ وڏي عزت جي ڳالهه آهي، انصاف جي فراهمي جي ذميواري الله طرفان عزت آهي. سندس چوڻ هو ته عدليه ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي محفاظ آهي، عدليه قانون جي حڪمراني ۽ بالادستي لاءِ ڪم ڪندي رهندي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته  جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي شخصيت ۾ عظيم والد جو عڪس هو، هن عدليه جي خودمختياري ۽ جمهوريت لاءِ وڏو ڪم ڪيو، جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال سياسي معاملن کان مٿڀرو ٿي قانون جي حڪمراني جي ڳالهه ڪئي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو