عليم خان ڪرپشن ڪيس ۾ وزيراعظم کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي: مولابخش چانڊيو

February 7, 2019 at 9:33 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي عليم خان ڪرپشن ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.هڪ بيان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ هو ته جيڪڏهن عليم خان تي ڪرپشن يا ناجائز اثاثن جو الزام آهي ته عمران خان به ان جي ور چڙهي ٿو، شوڪت خانم، نمل ۽ تحريڪ انصاف کي به عليم خان ڪروڙين روپيا ساليانو چندو ڏيندو آهي.مولا بخش چانڊئي جو چوڻ هو ته عمران خان جي ڪچن کان وٺي گاڏين، جهاز ۽ هيليڪاپٽر جو خرچ به عليم خان ڏيندو رهندو آهي.پوري دنيا کي خبر آهي ته عليم خان وزيراعطم عمران خان جا خرچ ڀريندو رهندو آهي ان ڪري عليم خان ڪرپشن ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو