عمران خان سياسي تاريخ جو دوکيباز ليڊر آهي: احسن اقبال

December 27, 2018 at 8:18 pm

لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال پاڪستان کي بچائڻ وارو ۽ دنيا ۾ وقار ڏيارڻ وارو ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد آهي، جڏهن ته سازش ڪندڙ ۽ ملڪ کي اقتصادي بدحالي ۾ اڇلائيندڙ مذي سان وزيراعظم جي عهدي تي ويٺل آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اسان حڪومت کي مناسب وقت ڏيڻ چاهيون ٿا ته جيئن پنهنجون ناڪاميون اسان جي ڪلهن تي نه وجهي سگهن ۽ قوم کي خبر پئجي سگهي ته پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو  دوکيبازي ليڊر عمران خان آهي جنهن قوم سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ عوام کي تبديلي جي نالي تي دوکو ڏنو آهي. هن چيو ته تماشو سموري قوم ڏسي رهي آهي پر ان سان اسان جا قدم نه پوئتي هٽندا،  اسان کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ عوام جي چونڊ ناهي، عمران خان سليڪٽڊ وزيراعظم آهي، چونڊيل وزيراعظم ناهي، هٿرادو بندوبست گهڻو وقت نه هلي سگهندو،  آخرڪار عوام جي راءِ ۽ مئنڊيٽ ئي ڪاميابي حاصل ڪندو، جنهن بعد مسلم ليگ ن ٻيهر ملڪ جون واڳون سنڀاليندي. سندس چوڻ هو ته پارٽي ۾ قيادت جو ڪو به بحران ناهي ڇو ته اسان جا اڳواڻ نواز شريف ۽ شهباز شريف ملڪ اندر موجود آهن، پارٽي قيادت باقاعدگي سان ساڻن رابطي ۾ آهي، روزاني معاملا ۽ ڪم اڪلائڻ جو ڪم پارليامينٽري ايڊوائزري گروپ کي ڏنو ويو آهي. احسن اقبال چيو ته موجوده حڪومت گهٽ ترين اڪثريت سان حڪمراني ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ جي سمورن ميمبرن جو تعداد 156 آهي، جڏهن ته اڪثريت 4 کان 6 ميمبرن جي آهي، باقي سمورا اوڌر ۽ پن سن تي ورتل ميمبرن آهن جيڪي ڪنهن به وقت سندن هٿن مان نڪري سگهن ٿا.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو