عمران خان مودي سان هٿ ملائڻ چاهي ٿو شهباز شريف سان نه: خواجه آصف

March 2, 2019 at 7:29 am

اسلام آباد ( بيورو ) پاڪستان مسلم ليگ ( ن ) جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ته هٿ ملائڻ چاهي ٿو پر شهباز شريف سان نه. پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ن ليگي اڳواڻ چيو ته وزيراعظم ڪالهه چيو ته مودي کي فون ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم اڄ نواز شريف جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي پر جڏهن ته نواز شريف اندروني معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته کيس غدار چيو ويو. هن چيو ته نواز شريف مودي سان مودي سان ڳالهيون ڪيون ته کيس غدار چيو ويو، نواز شريف جو ڏوهه اهو هن معاشيترقي جي ڳالهه ڪئي. خواجه آصف چيو ته اسان وزيراعظم کي غدار ناهي چيو پر ساڻس گڏ بيٺل آهيون، عمران خان گذريل ڏينهن ان وقت آيو جڏهن قومي ترانو هلي رهيو هو، سندس ايوان ۾ اچڻ جي ٽائمنگ پلاننگ تحت ٿي ته جيئن هٿ نه ملائڻو پوي.  هن چيو ته اسان پنهنجي حڪومتي دور ۾ تلخ حقيقتن کان منهن نه لڪايو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو