عمران خان پئٽرول ۽ مهانگائي تي يوٽرن نه ورتو ته کيس امپائر به بچائي نه سگهندو: بلاول ڀٽو زرداري

November 22, 2018 at 7:44 pm

گلگت ( م ڊ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته غير جمهوري طاقتن گڏجي خان صاحب سان حڪومت ٺاهي آهي،  چوري جا ووٽ کڻي حڪومت ٺاهي وئي آهي، عمران خان طرفان غير پيشور نموني پرڏيهي پاليسي هلائڻ افسوس جوڳو عمل آهي،  هو پرڏيهه ۾ سياسي مخالفن سان ڳالهائيندو آهي. گلگت ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان پئٽرول جي قيمت ۽ مهانگائي تي يوٽرن نه ورتو ته کيس امپائر به بچائي نه سگهندو. هن چيو ته حڪومت ملڪ کي مهانگائي جي سونامي ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ عوامي مسئلن جو حل چاهيون ٿا، عمران خان، مهانگائي، پئٽرول، بجلي مهانگي ڪرڻ تي يوٽرن وٺي نه ته کيس امپائربه بچائي نه سگهندو. ان کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  وزيراعظم کي پرڏيهه ۾ وفاق جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم ملڪ جي حمايت لاءِ ويندو آهي پر ملڪي سياست جون ڳالهيون ڪندو آهي، ضياءَ الحق ۽ ٻين جو مقابلو ڪيو، گڏڙي جو به مقابلو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته عمران خان سياسي مخالفن کي دٻاءَ ۾ وجهڻ چاهي ٿو ته جيئن سندن مخالفت نه ڪئي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪرپشن کي ختم ڪرڻو آهي ته بنا فرق احتساب ڪرڻو پوندو،  جيڪو سلسلو هلي رهيو آهي اهو انتقامي سياست جو سلسلو آهي. هن چيو ته  گلگت ۾ دل جي مريضن لاءِ علاج جون سهولتون نه آهن، سنڌ ۾ گلگت بلتستان جي شاگردن جون سيٽون وڌايون وينديون،

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو