عمران صاحب اين آر او جي اوهان کي ضرورت آهي نوازشريف کي نه آهي: مريم اورنگزيب
October 28, 2019 at 6:20 pmاسلام آباد (بيورو) (ن) ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم عمران خان جي بيان جي مذمت ڪندي چيو ته عمران خان صاحب اين آر او جي اوهان کي ضرورت آهي نوازشريف کي نه آهي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران صاحب اوهان جي تقرير هڪ ڊنل بزدل ۽ ناڪام شخص جي تقرير هئي هن چيو ته عوام جي محسنن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکي پارليمان کي تالا هڻي ميڊيا جي نڙي تي ننهن رکي ملڪ تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي هن چيو ته عمران صاحب ڌمڪيون ڏيو يا گار هڪ ڪروڙ نوڪري ڏيڻي پوندو هن چيو ته عمران صاحب ڌمڪي ڏيو يا گار 5 لک گهر ٺاهڻيا پوندا پشاور ميٽرو ۽ اورينج ٽرين هلائڻي پوندي هڪ سال ۾ ترقي جي شرح 5.8 مان 2.4 سيڪڙو ڪرڻ تي اوهان کي اين آر او نه ملندو هن چيو ته عمران صاحب هڪ سال ۾ مهانگائي 3 کان 13 سيڪڙو ڪرڻ تي اوهان کي اين آر او نه ملندو هڪ سال ۾ 11 هزار ارب تاريخي قرض وٺڻ تي اوهان کي اين آر او نه ملندو هن چيو ته عمران صاحب هڪ سال ۾ گئس 200 سيڪڙو ۽ بجلي جي قيمت 35 سيڪڙو کان وڌيڪ وڌائڻ تي اوهان کي اين آر او نه ملندو هن چيو ته عمران صاحب هڪ سال ۾ 40 لک ماڻهو بيروزگار ڪرڻ تي اوهان کي اين آر او نه ملندو. هن چيو ته ڀلي وڏي کان وڏو ڪوڙ ڳالهايو هاڻي اوهان کي استعيفا ڏيڻي پوندي گهر وڃڻو پوندو پر اين آر او نه ملندو.