عوامي دٻاءُ سان عمران خان کي تڪڙو ئي ڪڍڻو پوندو: قمر زمان ڪائره

December 3, 2019 at 5:54 pm

اسلام آباد(م ڊ): پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر الزمان ڪائره چيو آهي ته عمران خان کي عوامي دٻاءُ سان ڪڍڻ جي لاءِ عوامي رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.راولپنڊي جي تاريخي لياقت باغ ۾ بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ٿيندڙ جلسي جي تيارين جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلزپارٽي وچ پنجاب جي صدر قمر الزمان ڪائره چيو ته راولپنڊي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محتا/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 03
رمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلزپارٽي جي لاءِ هتي جلسو ڪرڻ ڏکيو فيصلو هو.هن لياقت باغ جلسي کي عوامي رابطا مهم جو تسلسل قرار ڏنو.  هن چيو ته پاڪستان ۾ پيپلزپارٽي جي لاءِ هميشه ٻين جي لاءِ الڳ قانون رهيو آهي. حڪومت ان ملڪ جي لاءِ عذاب آهي، ان لاءِ عوامي دٻاءُ سان عمران خان کي تڪڙو ئي ڪڍڻو پوندو.قمر الزمان ڪائره چيو ته آصف علي زرداري جي طبعيت جي باري ۾ ڊاڪٽرن تشويش جو اظهار ڪيو آهي. اڳوڻي صدر ۽ ان جي ڀيڻ جي خلاف ڪيس ۽ شاهد سنڌ جا آهن، جڏهن ته ڪيس راولپنڊي ۾ هلايو پيو وڃي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو