عوامي مسئلن جي حل لاءِ صوبائي حڪومت کي سپورٽ ڪنداسين: فيصل واوڊا

November 16, 2018 at 7:47 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورتر ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪي فور منصوبي لاءِ اضافي فنڊ وفاق کان چاهيون ٿا، آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت کي ڀرپور سپورٽ ڪنداسين. تفصيل موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا ملاقات ڪئي.  ملاقات ۾ سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني پڻ شرڪت ڪئي. ترجمان موجب  ٻنهي اڳواڻن ۾ سنڌ جي پاڻي وارو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ملاقات ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪي فور منصوبي لاءِ اضافي فنڊ وفاق کان چاهيون ٿا، ڪي فور جو منصوبو 75 بلين رپين جو ٿي ويندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت 50 سيڪڙو فنڊ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. وڏي وزير سان ملاقات کانپوءِ  فيصل واوڊا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڏي وزير سان ملاقات مثبت رهي، عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت کي ڀرپور سپورٽ ڪنداسين.  وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون، سنڌ حڪومت جا مطالبا وفاقي حڪومت پهچائيندس.  هن چيو ته وفاق حڪومت طرفان پائيلٽ پروجيڪٽ سنڌ حڪومت ڏئي رهيو آهيان، غيرقانوني هائيڊرينٽس ڪيرائڻ بابت سعيد غني سپورٽ جي خاطري ڪرائي آهي. سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي رهندا ملڪي بهتري اسان سڀ گڏ آهيون، هر صوبي ۾ ويندس ۽ اختيارين سان ملاقاتون ڪندس. مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو ته ڪراچي لاءِ ڪي فور منصوبو تمام گهڻو اهم آهي، منصوبي ۾ پيش ايندڙ مسئلن تي فيصل واوڊا سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو