عوام جي مفاد کانسواءِ ڪو فيصلو نه ٿيندو: اسد عمر
November 29, 2018 at 6:20 pmاسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا هر نوجوان وٽ روزگار هجي، غريبن جي مدد ڪري انهن کي غربت مان ڪڍي سگهجي. ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ”نئين پاڪستان جو بنياد رکي ڇڏيو“ جي عنوان سان تقريب کي خطاب ڪندي هن ماضي کي ياد ڪندي چيو ته ”الله پاڪ جنهن کي چاهي عزت ڏئي ۽ جنهن کي چاهي ذلت ڏئي“، مون کي اڄ اهو ٻڌائڻو آهي ته اسان کي مليو ڇا آهي، اسان ڇا ڪيو آهي ۽ ڪيڏانهن وڃڻو آهي، جڏهن اسان کي حڪومت ملي هئي ان وقت پاڪستان جو قومي خسارو وڌي رهيو هو ۽ پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا وارا ذخيرا ڪري رهيا هئا، اسان پهريون ڪم اهو ڪيو ته پاڪستان جو ماهوار ٻه ارب ڊالر خسارو هاڻ گهٽ ٿي لڳ ڀڳ هڪ ارب ڊالر تائين پهتو آهي، اسان ٻيو ڪم اهو ڪيو ته پاڪستان ۾ پئسو آندو سين پر فيصلو ڪيو ته آءِ ايم ايف سامهون نه جهڪنداسين. سندس چوڻ هو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جون شرطون قبول ناهن ڪيون پر انهن شرطن تي قرض ورتو ويندو، جيڪي پاڪستاني عوام جي حق ۾ هجن، قوم جي بهتري لاءِ يوٽرن وٺڻو پئي ته وزيراعظم يوٽرن وٺندو پر ذاتي مفاد ۾ ڪو فيصلو نه ٿيندو. هن پنهنجي ٽئين ڪم بابت ٻڌايو ته گئس اگهه وڌايو پر بهتري لاءِ به ڪيترائي به قدم کنيا، ڄاڻان ٿو ته ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي ٿيو پر پاڪستاني عوام تي ايترو ئي ٻوجهه وڌو ويو، جيترو اهي برداشت ڪري پئي سگهيا.