غوثپور: ڌاڙيلن جو پوليس موبائيل تي حملو: 2 اهلڪار شهيد

October 29, 2019 at 11:19 pm

ڪنڌڪوٽ/ غوثپور(نمائندن وٽان) غوثپور ويجهو ڌاڙيلن جو پوليس تي حملو: فائرنگ ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، 2 زخمي. دراڻي مهر ٿاڻي جي پوليس موجب دودو چوڪي ڀرسان گشت ڪندڙ پوليس موبائيل تي ڌاڙيلن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار عنايت ڊيهو ۽ غلام حيدر ڀيو شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 2 اهلڪار پيارو ملڪ ۽ عطا محمد مشوري زخمي ٿي پيا، شهيد اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ پهچايو ويو، جڏهن ته ڌاڙيل فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. زخمي اهلڪار پيارو ملڪ ٻڌايو ته ڌاڙيلن حملو ڪري راڪيٽ لانچر سميت جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته حملي بعد پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ڪشمور به سول اسپتال پهچي زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي ۽ واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو