فارورڊ بلاڪ ٺهڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو ڪوبه خطرو ناهي:وزيراعظم

December 15, 2018 at 12:15 am

پشاور:(م ڊ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته جيڪو وزير آفيس نه ويندو ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ پوءِ هو شڪايت نه ڪري ته وزارت هلي وئي.پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جا ماڻهو سياسي شعور رکن ٿا، خيبرپختونخواهه جي ماڻهو ٻيون وارو ناهن ڏيندا پر اسان کي ڏنو، هتان جي ماڻهن جي زندگي ۾ تبديلي آ؟ي ان لاءِ تحريڪ انصاف کي مينڊيٽ مليو، 2018ع جي اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿي، اسان مينڊيٽ وٺڻ لاءِ ڪوبه روايتي حربو استعمال نه ڪيو، اسان اليڪشن کان اڳ فنڊز جاري نه ڪيا هئا، جيڪڏهن ڪوبه تڪ کولرائڻ چاهي ٿو ته اسان تيار آهيون.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي تعريف ڪندي وزيراعظم چيو ته محمود خان جي ايمانداري تي پورو يقين آهي، هو سادو ۽ سچو انسان آهي، اسان کي يقين آهي ته محمود خان ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه ايندو. پنجاب ۾ عثمان بزدار کي وڏو وزير ٻنايو ته اسان جو مذاق اڏايو ويو، عثمان بزدار به ايماندار ۽ دلير ماڻهو آهي، هن پئسو ضايع نه ڪيو، هو مافيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ بيٺل آهي جڏهن ته شهباز شريف وزيراعظم جو جهاز استعمال ڪندو هو، هن انٽرٽينمينٽ جي مد ۾ 35 ڪروڙ روپيا خرچ ڪيا.وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ننڍي طبقي لاءِ پاليسيون ٺهنديون رهيون، ڪنهن هيٺئين طبقي کي مٿي آڻڻ لاءِ نه سوچيو، ملڪ ۾ امير ۽ غريب ۾ فرق ٿيڻ گهرجي، جتي امير ۽ غريب ۾ فرق هجي اهو ڪهڙي فلاحي رياست ٺاهي سگهي ٿو، حڪومت کي رڪارڊ ملڪي خسارو ورثي ۾ مليو.بيوروڪريسي جي سوچ آهي ته سرمائيداري سٺي شئي ناهي، اسان کي سرمائيدارن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻيون آهن، وزيراعظم هائوس جون  گاڏيون ۽ مينهون وڪڻڻ تي اسان جو مذاق اڏايو ويو حالانڪه اسان عوام جي پئسي تي بادشاهت جي نظام جو خاتمو ڪري رهيا آهيون.وزيراعظ۾ چيو ته اسان کي هاڻ فارورڊ بلاڪ ٺهڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو ڪوبه خطرو ناهي، وزيرن کي شام تائين پنهنجي آفيسن ۾ ويهڻ گهرجي، مون کي خبر پئجي ويندي ته ڪهڙو وزير آفيس نه پيو وڃي ۽ جيڪو وزير آفيس نه ويندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي، پوءِ اهو شڪايت نه ڪري ته وزارت هلي وئي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو