فاسٽ بالر محمد عامر جي ڌيءَ سان نڪتل وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿيڻ لڳي
November 25, 2019 at 5:23 pmلاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڌيءَ مِنثي جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن جي ڪرپشن ۾ هن(منهنجي نئين فيشن ڊزائنر) لکيو آهي.فاسٽ بالر محمد عامر /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 78
مائيڪرو بلاڪنگ سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ڌيءَ جي هڪ وڊيو اپ لوڊ ڪئي جنهن کي مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي. محمد عامر جي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪهڙي طرح ان جي ڌيءَ کيس مشورو ڏئي رهي آهي ته کيس ڇا پائڻ گهرجي.محمد عامر وڊيو ۾ پنهنجي ننڍي ڌيءَ کان مشورو وٺي رهيو آهي ته ان جي اها شرٽ سٺي آهي يا نه، جنهن تي ان جي ڌيءَ کيس مشورو ڏيندي چيو آهي ته هي سٺي نه آهي. عامر ۽ ان جي ڌيءَ جي وڊيو مان مداح ڪافي مزو وٺندي ان جي وڊيو تي به ڪمنٽ ڪيا آهن.