فلم انڊسٽري جي ترقي لاءِ اڃان به ڪافي محنت ڪرڻي پوندي: ساره لورين

December 2, 2019 at 5:27 pm

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪاره ۽ ماڊل ساره لورين چيو آهي ته ٽي وي سان لاڳاپيل ماڻهن فلم جي شعبي جي بحالي لاءِ جيڪي قدم کنيو آهن اهي تعريف جوڳا آهن پاڪستان فلم انڊسٽري کي اڃان به وڌيڪ محنت ڪرڻ/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 53

ي آهي.ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره چيو ته هاڻ فلمن سان لاڳاپيل ماڻهن کي گهرجي ته هو ان کي سپورٽ ڪن ۽ ان عمل ۾ انهن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلن ته جيئن فلم جو شعبو ترقي ڪري سگهي.پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ساره لورين چيو ته پاڪستان فلم انڊسٽري کي ترقي جي رستي تي اڳيان وڌڻ لاءِ اڃان به ڪافي محنت ڪرڻي پوندي.اڃان هتي فلمسازي جو نئون دور شروع ٿيو آهي پر ڪافي  مسئلن کي منهن ڏيڻو آهي جنهن جي حل تائين انٽرنيشل مارڪيٽ ۾ پهچڻ ممڪن ناهي. نوجوان فلم ٺاهيندرن کي ڪافي محنت ڪرڻي پوندي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو