فواد چوڌري سنڌ جو وائسراءِ بڻجڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري پيو: مرتضيٰ وهاب
January 15, 2019 at 9:50 pmڪراچي(اسٽاف رپورتر) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اخلاقي طور تي ڏيوالپڻو ٿي چڪو آهي ۽ فواد چوڌري سنڌ جو وائسراءِ بڻجڻ جي ناڪام ڪوششون ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پهرين اها حڪومت انڊن ۽ ڪڪڙين جي ڳالهه ڪندي هئي هاڻي انهن جي ذهني سطح سلائي مشينن کان اڳيان نه ٿي وڌي. حڪومت ڪرڻ ۽ ملڪي معاملا سنڀالڻ انهن جي وس جي ڳالهه ڪونهي هاڻي اها ناڪام ٿي سنڌ حڪومت پويان هٿ ڌوئي پئجي وئي آهي. هن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سنڌ حڪومت فواد چوڌري جي ٻَنڌي تي سوا ٿي چڪا آهن ڪڏهن هو اومني گروپ جو چرچو ٿو ڇڏي ته وري ڪڏهن پيپلز پارٽي جي قيادت تي بهتان بازي ڪندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته فواد چوڌري ڪڏهن پيپلز پارٽي جو حصو هو، کيس وساري ٿو ويهي ته هن کي مشورا تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ڏيڻ گهرجن پر هو پنهنجا مشورا اسان کي ڏئي رهيو آهي. کانئس چڱو ٿيندو جيڪر پنهنجا قيمتي مشورا پاڻ وٽ رکي ته ڪنهن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. صوبائي صلاحڪار صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته فواد چوڌري پنهنجي ڀَرڪيلي خطاب ۾ جيڪو به چوندو آهي ان تي بعد ۾ کيس منهن جي کائڻي پوندي اٿس. هن کي اهو ياد ئي نه رهندو آهي ته وفاقي حڪومت کي سنڌ جا 90 ارب رپيا واپس ڪرڻا آهن جنهن جي ادائيگي ڪرڻ تي هوءَ اڃان تائين لاچار آهن. وفاقي حڪومت جو وزير چئي رهيو آهي ته سنڌ جو پاڻي چوري پيو ٿئي، سنڌ مان نڪرندڙ قدرتي گيس سنڌ کي نه پئي ملي ۽ فواد چوڌري چون ٿا ته سنڌ حڪومت ڪم نه ٿي ڪري. اطلاعات واري صلاحڪار چيو ته ماضي ۾ پڻ سنڌ کي فتح ڪرڻ جا خواب کڻي ڪيترائي آيا ۽ ڪيترائي ويا هليا انهن کي ياد هجي ته سنڌ پاڪستان پيپلز پارٽي جو قلعو آهي سياسي يتيمن کي سنڌ جي باشعور ۽ بهادر عوام ووٽ جي طاقت سان رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ايوان ۾ تعدادي اڪثريت پيپلز پارٽي جي آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف پنهنجن 30 ميمبرن کي پاڻ ۾ گڏائي رکي ته اهو پنهنجي حق ۾ تمام بهتر رهندو.