قاضي احمد ويجهو راهو_مگسي تڪرار نه نبيرڻ سبب ويڙها ويران، ڌرين وري هٿيار تاڻي ورتا، اسڪول اندر مورچا قائم
January 31, 2019 at 8:06 amقاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد ۾ 8 انساني حياتيون ڳڙڪائيندڙ راهو ۽ فج مگسي خوني تڪرار 8 سال گذرڻ باوجود نبرجي ناهي سگهيو ٻنهي ڌُرين وچ ۾ 8 سال اڳ 2009 ع ۾ قاضي احمد ڀرسان هڪ عورت مسمات حليمان راهو پاران پسند جو پرڻو ڪرڻ تان خوني تڪرار شروع ٿيو هو، جنهن ۾ هيل تائين فج مگسي ڌُر جا 5 ڄڻا گل شير مگسي فج ,علي نواز مگسي فج ,عبدالعزيز مسگي فج ,يوسف مگسي فج ۽ راهو ڌُر جا 4 ماڻهو محمد عمر راهو ,بدرو عرف بدرالدين راهو ,عيدن راهو سميت سندس ڌر جو هڪ مهمان مولا بخش خشڪ حياتي وڃائي چڪا آهن. ڪافي وقت ٺاپر کانپوء ھڪ ڀيرو ٻيهر ٻنھي جهيڙيندڙ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ۽ فائرنگ جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويو آھي ٺاھ نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ٻئي جي ڳوٺن مٿان وقت به وقت فائرنگ جو سلسلو جاري آھي ٻنهي برادرين جا ماڻھو هٿيار کڻي مورچا بند ٿي ويل آھن خوني جهيڙي سبب ڳوٺ سلطان احمد راھو ,ڳوٺ سائينداد راھو ,ڳوٺ راضي خان راهو سميت ٻين ڳوٺن مان مقامي رهواسي لڏ پلاڻ ڪري ڳوٺ خالي ڪري ويا آھن جڏهن ته ڳوٺ علي خان فج مگسي ,ڳوٺ علي محمد مگسي فج ,ڳوٺ سائينداد راهو ,ڳوٺ سلطان احمد راهو,ڳوٺ عمر راهو ,ڳوٺ صابن راهو ,ڳوٺ مٺا خان راهو , سميت ٻين ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول جهيڙي جي خوف سبب بند پيل آھن جنهن جي نتيجي ۾ سوين ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي تعليمي ادارن مٿان ڳوٺاڻن بچاء خاطر مورچا اڏي ڇڏيا آھن.