قانون جي حڪمراني تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو: شهريار آفريدي

November 7, 2018 at 6:15 pm

اسلام آباد (بيورو) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي ۽ جيستائين آسيه بي بي کي ڏوهاري قرار نٿو ڏنو وڃي تيستائين سندس نالو اي سي ايل  ۾ نٿا وجهي سگهيون. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو دوران مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي ملڪ ۾ تازن احتجاجن تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ان ۾ هڪڙا اهي ماڻهو شامل هئا جيڪي پنهنجن ذاتي مفادن ۽ ايجنڊا ذريعي بغض پورو ڪرڻ لاءِ ملڪيتن کي نقصان پهچائي رهيا هئا. هن چيو ته معاهدي ۾ شامل تحريڪ لبيڪ جي ميمبرن کي جڏهن انهن جي باري ۾ ٻڌايو ويو ۽ فوٽيجز ڏيکاريا ويا ته هنن انهن کي پنهنجي پارٽي جو ميمبر مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مملڪتي وزير چيو ته جيڪي به گرفتاريون ٿيون آهن انهن سان قانون موجب ورتاءُ ڪيو ويندو، ۽ چوان ٿو ته قانون جي حڪمراني تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، جيڪو به قانون ٽوڙيندو يا ان کي للڪاريندو، وزيراعظم ۽ ٻين اختيارين جو واضح موقف آهي ته ان تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. آسيه بي بي جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت شهريار آفريدي چيو ته سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏيندي ان تي عمل ڪنداسين، جيستائين ڪو ڏوهاري نه هوندو ان جو نالو ڪيئن اي سي ايل ۾ وجهون؟ سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. سندس چوڻ هو ته هر پاڪستاني پوءِ کڻي ان جو ڪهڙي به مذهب سان واسطو هجي اهو رياست جي ذميواري آهي، ڪنهن کي جان ۽ مال سان کيڏڻ جو لائسنس نٿو ڏئي سگهجي، آسيه بي بي ۽ سندس خاندان پاڪستان ۾ آهي ۽ حڪومت طرفان کين مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ مسيحي عورت آسيه بي بي جي بريت خلاف لبيڪ پاڪستان طرفان سموري ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا جنهن دوران ملڪيتن کي به نقصان پهچايو ويو هو. حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ جي وچ ۾ معاهدي کانپوءِ مظاهرا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ معاهدي ۾ تحريڪ لبيڪ آسيه بي بي جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو مطالبو ڪيو هو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو