قومي ادارن جي ساک عوام جي نظرن ۾ تڪراري بڻجي وئي آهي: احسن اقبال

January 21, 2019 at 8:46 pm

لاهور ( م ڊ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ قومي ادارن جي ساک عوام سامهون تڪراري بڻجي وئي آهي، حڪومت جي هر برائي حڪومت ادارن تي وڌي ويندي آهي.  لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ساهيوال واقعي هر پاڪستان جي دل ڏاري وڌي آهي، معامي جي شفاف جاچ چاهيون ٿا،  جي آءِ ٽي جي رپورٽ سامهون اچڻ گهرجي ته ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه هئڻ گهرجي جنهن بعد ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي.  هن چيو ته 70 سالن کانپوءِ به اسان پينڊولم وانگر ڪم ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن ملڪ کي قانون ۽ عوام موجب نه هلائينداسين ته ملڪ قائد اعظم جو پاڪستان نه ٿيندو. سندس چوڻ هو ته  قومي ادارن جي ساک عوام جي نظر ۾ تڪراري بڻجي وئي آهي، اسان ملڪ جي سمورن ادارن جو احترام چاهيون ٿا. احسن اقبال چيو ته هتي حڪومتن کي ٽوڙيو ويندو آهي، اسان ڌانڌلي واري چونڊ منظور ڪئي پر ڪنهن ڏڦيڙ کي نه ٿا چاهيون، پي ٽي آءِ کي ڪنهن مان خطرو ناهي پنهنجي نااهلي مان خطرو آهي. هن چيو ته پاڪستاني انتظامي لحاظ کان مفلوج ٿي چڪو آهي،  نئين چيف جسٽس جيڪا ڳالهه ڪئي اها تنهن بحران جي آهي جيڪو اسان سامهون آهي. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن کي فڪس ڪري سگهجي ٿو پر ملڪ انتظامي لحاظ سان ڪمزور ٿي ته ڍانچو خطري ۾ پئجي ويندو آهي، اسان شفاف احتساب جي حمايت ڪيون ٿا، جمهوريت جي مضبوطي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو