قومي ايڪشن پلان تي عمل ضروري آهي: صدر عارف علوي
April 17, 2019 at 3:20 amڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) صدر عارف علوي چيو آهي ته قومي ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ نهايت ضروري آهي. ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته شهرين جي حفاظت ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، انساني جانين جو ڪو به مٽ ناهي، شهيدن جي وارثن سان همدردي آهي. هن چيو ته قومي ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪرڻ ضروري آهي، هڪ ٻئي جي حفاظت ڪرڻ سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان خلاف اهڙي قسم جون سازشون ٿينديون رهيون آهن، سازشن باوجود عوام ۾ ڪو به فرق ناهي، هزاره برادريءَ طرفان اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو ويو. صدر عارف علوي چيو
ته سموري قوم ڏک جي گهڙي ۾ ساڻن گڏ آهي، شهيدن ۽ سندن خاندان جو پاڪستان تي وڏو احسان آهي،قوم جي احسان کي وساري نه ٿو سگهجي.