قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي اڳوڻا ڪرڪيٽر ڪاوڙجي پيا
December 2, 2019 at 5:25 pmلاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا ٽيسٽ سيريز ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي اڳوڻا ڪرڪيٽر ڏمرجي پيا. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي رانديگر رميز راجا پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ ۾ لکيو /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 77
آهي ته ڇا ڪرڪيٽ مئنجمينٽ ماڊل کي فٽبال مئنيجمنيٽ ماڊل طرز تي نه هئڻ گهرجي؟ رميز راجا پي سي بي جي ڪوچنگ اسٽاف تي تنقيد ڪندي چيو ته شڪست جي مٿان شڪست يا وري هڪ کان ٻن مهينن جي خراب ڪارڪردگي ڪوچنگ اسٽاف کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪافي هوندي آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته آسٽريليا ۾ اسان جي ٽيم کي مسلسل خوفناڪ ڪارڪردگي ڪوچ/ چيف سليڪٽر جي تبديلي جي تقاضا ڪري ٿي. ٻئي طرف قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان ڪوچ کي تبديل ڪرڻ جي حوالي سان نعيم الحق جي بيان جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ان جيڪا ڳالهه ڪئي اها صحيح آهي. پاڪستاني بيٽسمينن غلط شاٽ کيڏي پاڻ ئي وڪيٽون وڃايون. جيڪڏهن نوجوان بالرز کي موقعو ڏنو پيو وڃي ته پوءِ مڪمل موقعو ڏنو وڃي. پهرين ٽيسٽ کانپوءِ ٽي تبديليون ڪري ٽيم ۾ بي يقيني پاڻ پکيڙي پئي وڃي.