قوم جو پئسو لٽڻ وارا گرفتار ٿي به قوم جو پئسو استعمال ڪري رهيا آهن:شيخ رشيد

January 4, 2019 at 8:46 pm

 اسلام آباد(بيورو)ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بڻائڻ خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته قوم جو پئسو لٽڻ وارا گرفتار ٿي به قوم جو پئسو استعمال ڪري رهيا آهن، چورن، ڦورن ۽ ڌاڙيلن لاءِ قوم بيان ڏنو آهي ته کين کليل فضا ۾ رکو، اسحاق ڊار اڳوڻي وزيراعظم جي جهاز ۾ فرار ٿيو ته آصف زرداري به نڪري سگهي ٿو.شيخ رشيد جو چوڻ هو ته شهباز شريف نواز شريف کان وڏو ڌاڙيل آهي، چين وڃڻ کانپوءِ خبر پئي ته شهباز شريف جو ناٺي به ڦورو آهي، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين چور آهي، کير تي پهرو ڏيڻ لاءِ ٻليءَ کي مقرر ڪيو ويو آهي، ان معاملي تي حڪومت سان سخت اختلاف آهن، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين واري معاملي تي عدالت سان رابطو ڪرڻ وڃي رهيو آهيان.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو