قوم متحد آهي، ڀارتي اڳراين جو ڀرپور جواب ڏينداسين:وزيراعليٰ سنڌ

March 3, 2019 at 10:04 pm

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڀارتي اڳرائي خلاف سموري مخالف ڌر حڪومت سان گڏ آهي، اسان کي او آءِ سي جو پليٽ فارم خالي نه ڇڏڻ گهرجي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارت پنهنجي اندروني معاملن سبب اڳرائي ڪري رهيو آهي، هٿياربند فوج ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي.  هن چيو ته پاڪستان هميشه امن جي ڳالهه ڪئي آهي، سموري قوم ۽ سياسي پارٽيون متحد آهن، ڪنهن به قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ سياسي پارٽيون مودي خلاف ڳالهائي رهيون آهن، اسان او آءِ سي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي حق ۾  نه هئاسين، اسان کي او آءِ سي جو پليٽ فارم خالي نه ڇڏڻ گهرجي. مراد علي شاهه چيو ته نيب سان سهڪار نه ڪرڻ جون ڳالهيون غلط آهن، قانون موجب جيڪو سهڪار گهرجي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته نيب سان سهڪار نه ڪري رهيا آهيون.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو