لاڙڪاڻي جي ٻارن کي ايڊز نه ايڇ آءِ وي آهي: عذرا پيچوهو

June 14, 2019 at 4:20 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته صحت کاتي ۾ هيلپ لائن جيان هڪ اينڊرائيڊ سسٽم تي ڪم ٿي رهيو آهي جتي شهري پنهنجون شڪايتون داخل ڪري سگهندا ۽ انهن جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪيو ويندو.سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران ميمبرن جي مختلف لکت ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي صحت واري وزير جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻي ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي معاملي کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي اهو خالص انساني زندگين جو معاملو آهي اها وبا صرف لاڙڪاڻي نه پوري ملڪ ۾ موجود آهي انگ اکر ٻڌائينداسين ته حيرت ٿيندي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو