لڳي ٿو ته ٻه چار ڪلارڪ ئي حڪومت هلائي رهيا آهن: سپريم ڪورٽ

November 28, 2018 at 8:31 pm

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس عظمت سعيد جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته ٻه چار ڪلارڪ ئي حڪومت هلائي رهيا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ڊيپوٽيشن ملازمن جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران صفائي  وڪيل ايڊووڪيٽ وصي ظفر چيو ته عدالتي فيصلي ۾ ڪلريڪل غلطي آهي، فيصلي ۾ درخواستگذارن جو نالو به ڊيپوٽيشن ملازمن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته عدالتي فيصلن کي مذاق بڻايو ويندو آهي، ڪيترائي ڀيرا ڪيس کي ان ڪري ناهيون ڇڪيندا جيئن حڪوتم کي شرمندگي نه ٿئي، وفاق حڪومت هلائي ٿي يا ٻه چار ماڻهو، مون کي لڳي ٿو ته ٻه ڪلارڪ ئي حڪومت هلائي رهيا آهن، انڌن کي به نظر اچي رهيو آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي. جسٽس عظمت سعيد حڪم ڏنو ته عدالتي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪندي چيو ته ايندڙ هفتي تائين جواب داخل ڪرايو، جواب اچڻ بعد ڏسنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي، ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو