ماضي جي حڪمرانن سرڪاري خزاني ۾ ڇا ڇڏيو آهي ته جو حج تي سبسڊي ڏيون؟ :فواد چوڌري
February 3, 2019 at 7:26 pmگوجرانوالا (م ڊ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان مان لٽيل پيسا دبئي ۽ لنڊن مان هٿ اچي رهيا آهن، ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ ماڻهو کي سرڪاري اسپتال پسند نه پئي اچي، ماضي جي حڪمرانن سرڪاري خزاني ۾ ڇا ڇڏيو آهي ته جو حج تي سبسڊي ڏيون؟ بدقسمتي سان امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون آهي. چوڌري فواد حسين عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان يمن ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، وچ اوڀر سميت ٻين ملڪن جا سربراهه عمران خان کي اهم ليڊر طور تي ڏسي رهيا آهن، اسان کي تباهه حال معيشت ۾ ورثي ۾ ملي. هن چيو ته ميان ڀائرن کي جيل ۾ به وي آءِ پي ڪلاس مليل آهي، جيل ويندي ئي سندن سموريون بيماريون ظاهر ٿي رهيون آهن، ميان ڀائر ڪجهه ڏينهن جيل ۾ گذارڻ کانپوءِ اسپتالن ڏانهن ڀڄن ٿا انهن سان به جيلن ۾ اهڙو ورتاءُ هجڻ گهرجي جهڙو غريبن سان ٿئي ٿو.