ماضي ۾ ڪيل اربين رپين جي ڪرپشن جو حساب ڏيڻو پوندو: فواد چوڌري
November 26, 2018 at 4:15 pmاسلام آباد ( بيورو ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ماضيءَ ۾ ڪيل اربين رپين جي ڪرپشن جو حساب ڏيڻو پوندو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته شفاف طريقي سان اڳتي وڌنداسين، جيڪو ڪجهه ڪنداسين يا نه ڪري سگهنداسين اهو عوام اڳيان رکنداسين. هن چيو ته شفافيت سان ئي بدعنواني جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اپاءُ ورتا ۽ هاڻ ڪرپشن جي معلومات ڏيڻ واري کي 20 سيڪڙو ڏنو ويندو جنهن لاءِ ايڪٽ آڻي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته 100 ڏينهن ۾ وزيراعظم جي قيادت ۾ ڪيترائي ڪم ڪيا، جديد ترين ميڊيا يونيورسٽي 100 ڏينهن واري پلان جو حصو آهي. فواد چوڌري چيو ته ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ انقلابي قدم کنيا آهن، هاڻ ڪو به شهري ڪنهن به اداري کان معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو، لاڳاپيل کاتا 10 ڏينهن ۾ معلومات ڏيڻ جا پابند هوندا.