ماهرا کان پوءِ زارا نور به پناهگيرن جي مدد لاءِ ميدان تي لهي آئي

November 25, 2019 at 5:24 pm

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا زارا نور عباس بين الاقوامي اداري يو اين ايڇ سي آر اسن گڏجي پاڪستان ۾ رهندڙ پناهگيرن جي مدد جو ذمو کنيو آهي. اداڪارا زارا نور عباس گڏيل قومن ج/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 52

ي پناهگيرن بابت اداري يونائيٽيڊ نيشنز هائي ڪمشنر فار رفيوجي (يو اين ايڇ سي آر) ۽ مقامي ڊزائينر هما عدنان سان گڏجي پاڪستان ۾ رهندڙ پناهگيرن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ بابت قدم کڻندي. گذريل ڏينهن اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي عورت پناهگيرن سان ملاقات جون تصويرون شيئر ڪيون. انهن تصويرن سان گڏ زارا نور عباس پناهگيرن جي همت کي ساراهيندي لکيو ته اچو، هنن کي ڀليڪار چئون ٿا، اچو هنن لاءِ روزگار فراهم ڪرڻ ۽ پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جا موقعا فراهم ڪيون. صرف چوڻ سان نه پر عمل ڪري به ڏيکاريون.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو