محرابپور ۾ سينئر صحافي عزيز ميمڻ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

February 17, 2020 at 6:21 pm

نوشهروفيروز(رپورٽر) محرابپور ۾ نجي ٽي وي جي رپورٽر ۽ سينئر صحافي عزيز ميمڻ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.جنازي نماز ۾ سڄي سنڌ مان ايندڙ صحافين ۽ شهرين سميت اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد ظفر علي شاهه، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سرفراز شاهه سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.ياد رهي ته سينئر صحافي عزيز ميمڻ کي گذريل ڏينهن قتل ڪيو ويو هو. جڏهن ته عزيز ميمڻ جي قتل جو ڪيس اڃان تائين داخل نه ٿي سگهيو آهي.مقتول صحافي جي ڪيمرا مين کي گذريل رات پوليس گرفتار ڪري ورتو هو جنهن کي پڇاڳاڇا لاءِ اڻڄاڻ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مقتول صحافي موتمار ڌمڪيون ملڻ خلاف اسلام آباد ۾ احتجاج به ڪيو هو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو