محمد اياز سومرو پارٽي جو سچو ۽ وفادار جيالو هو: نثار احمد کهڙو

March 19, 2019 at 8:13 pm

لاڙڪاڻو:(بيورو)لاڙڪاڻي شهر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي پاران آرٽ ڪائونسل سچل ڪالوني لاڙڪاڻي جي ادبي هال ۾ اڳوڻي صدر پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعو لاڙڪاڻو ۽ اڳوڻي صوبائي وزير قانون مرحوم ايم اين اي محمد اياز سومرو جي ياد ۾ هڪ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.جنهن ۾ مهمان خاص پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو تعزيتي ميڙاڪي جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مرحوم محمد اياز سومر جي پارٽي، ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ ڪيل خدمتن تي کين زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ٿا، جڏهن ته محمد اياز سومرو پارٽي جو سچو ۽ وفادار جيالو هيو، جنهن هر سڄي زندگي ۾ شهيدن جي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هيو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو