مخالف ڌر چاهي ٿي ته اين آر او ملي وڃي پر عمران خان نه ڏيندو: فواد چوڌري

November 18, 2018 at 5:05 pm

اسلام آباد ( بيورو ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مخالف ڌر جي خواهش آهي ته اين آر او ملي وڃي پر عمران خان ڪڏهن به اين آر او نه ڏيندو. هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته هرشيءَ ريڊ ڪارپٽ هيٺان وجهڻ جو ڪلچر بڻجي ويو آهي،  پنهنجي اقتدار کي ڊگهي ڏيڻ لاءِ ڪرپشن تي پردو نه ٿو وجهي سگهي. هن چيو ته نيب ۾ موجوده حڪومت هڪ پٽيوالو به ڀرتي نه ڪيو آهي، جيڪڏهن هي چون ٿا ته حڪومت ڪرپشن ڪيسن جي پيروي نه ڪري ته اهو ممڪن ناهي. سندس چوڻ هو ته جعلي اڪائونٽس بابت سپريم ڪورٽ کي حڪومتي جاچ کان به آگاهه ڪنداسين، آصف زرداري کي اندازو ئي ناهي ته هو عوام ۾ ڪيترو غير مقبول آهي،  آصف زرداري سميت ٻين جي جيل وڃڻ سان ڪو اثر نه پوندو.  فواد چوڌري چيو ته عثمان بوزدار آمهون سامهون آيو ته عثمان بوزدار جي حمايت ڪئي ويندي. هن چيو ته ڌرڻو هڻندڙن سان ٺاهه حالتون پرامن رکڻ لاءِ ڪيو، ڳالهين دوران ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو ڪرڻو پوندو آهي. سندس چوڻ هو ته چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي لاءِ پارلياماني ڪميٽي رڳو ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي آهي. فواد چوڌري چيو ته حڪومت جا 100 ڏينهن پورا ٿيڻ تي وزيراعظم 29 نومبر تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو، سٺي ٽيم ملڻ تائين آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ٿينديون رهنديون، وزيراعظم کي ڪارڪردگي تي هٽائڻ وزيراعظم جو حق آهي. مسيحي خاتون آسيه بي بي بابت فواد چوڌري چيو ته آسيه بي بي پاڪستان ۾ آهي، اسان عدالت جي فيصلي سان گڏ بيٺل آهيون، خوشقسمتي سان سمورا رياستي ادارا هڪ پيج تي آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو