مراد علي شاهه پي اي سي چيئرمين شپ اپوزيشن حوالي ڪري: مخالف ڌر جو مطالبو

January 8, 2019 at 8:43 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي مطالبو ڪيو آهي ته وڏو وزير مراد علي شاهه پنهنجي پارٽي جو واعدو پورو ڪندي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سميت 8 اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين شپ اپوزيشن حوالي ڪري. تحريڪ انصاف اڳواڻ وڏي وزير کي لکيل خط ۾ کيس ياد ڏياريو آهي ته هن 8 اسٽيڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين شپ اپوزيشن کي ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو. فردوس شميم نقوي موجب جمهوريت جو حسن برقرار رکڻ لاءِ پي اي سي چيئرمين شپ ۽ رولز آف پروسيجر اينڊ پرويلج ڪميٽي اپوزيشن وٽ هجڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پارلياماني ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ سيد مراد علي شاهه اسيمبلي جو سيشن شروع ٿيڻ کان اڳ اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو