مسئلن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻو پوندو جنگ مسئلن جو حل نه آهي:صادق سنجراڻي
February 15, 2019 at 7:35 pmاسلام آباد (بيورو) چيئرمين سينيٽ محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته مسلمان هن وقت گڏيل اختلافن جو شڪار آهن مسئلن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻو پوندو جنگ مسئلن جو حل نه آهي، جمعي تي سينيٽجي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان مصر جي سفير احمد محمد فضل يعقوب پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي سينيٽ جي چيئرمين چيو ته مصر ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جو بنياد سياسي سماجي ۽ ثقافتي هڪجهڙائين تي آهي صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان مصر سان لاڳاپن کي هميشه اهميت ڏني آهي صادق سنجراڻي چيو ته مصر جي پراڻي تهذيب جا اثر سڄي خطي ۾ اڄ به واضح آهن صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان مصر سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي صادق سنجراڻي چيو ته عالمي ۽ علائقائي پسمنظر کي آڏو رکندي پاڪ مصر لاڳاپن کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي صادق سنجراڻي چيو ته واپار سياحت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ هڪٻئي جي تجربن مان وڌ ۾ وڌ فائدو وٺي سگهجي ٿو صادق سنجراڻي چيو ته پارلياماني سفارتڪاري کي ڪتب آڻيني عوامي سطح تي لاڳاپن کي اڳيان وڌائڻ جي ضرورت آهي سينيٽ جي چيئرمين چيو ته پاڪستاني شاگردن لاءِ جامعه الاظهر ۾ اسڪالرسپ جي ذريعي اعليٰ تعليم پرائڻ جا موقعا پيدا ڪيا وڃن مصر جي سفير پاڪ مصر لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڀريو سفير چيو ته ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ لاءِ وڏي گنجائش موجود آهي.