معاشي صورتحال بابت غلط فهميون پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي: اسد عمر
December 5, 2018 at 5:21 amاسلام آباد ( بيورو ) ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته معيشت جا سمورا اشارا بهتري طرف گامزن آهي، ڪنهن به قسم جي غير يقيني جي صورتحال ناهي، تنهن ڪري معاشي صورتحال بابت غلط فهميون پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ يارهين ڏکڻ ايشيائي اقتصادي سمٽ کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته ڪرتارپور سرحد نهايت اهم قدم هو، جنهن تي پاڪستان ڀارت کان هاڪاري جواب جي اميد رکي ٿو ۽ جواب جو منتظر آهي، ٻن رياستن ۾ ڇڪتاڻ ۽ سياسي تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ الڳ سوچڻو پوندو. هن چيو ته سارڪ ڏکڻ ايشيا جو مستقبل مضبوط ڪندي، ڪانفرنس ۾ ڀارت جي شرڪت نه ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آهي، ٻنهي ملڪن کي آئوٽ آف باڪس حل سوچڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ايڪسچينج ريٽ جو فيصلو اسٽيٽ بئنڪ ڪيو هو، بئنڪ اهو فيصلو جاري رکندي، ڊالر جي اگهه بابت آخري فيصلو اسٽيٽ بئنڪ کي ڪرڻو هوندو آهي، ضرورت پئي ته اسٽيٽ بئنڪ جي طريقي کي مضبوط ڪيو ويندو. اسد عمر چيو ته پي ٽي آءِ جي پاليسي ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي وئي آهي، اسٽيٽ بئنڪ غير جانبدار ۽ خودمختيار رهندي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ناڻي واري وزارت ۾ رابطي جو ميڪنزم ٺاهيو پيو وڃي، گورنر، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ناڻي واري وزارت ڪو ميڪنزم پيش ڪن. ناڻي واري وزير چيو ته برآمد وڌي رهي آهي، خسارا گهٽ ٿي رهيا آهن، ڪنهن به قسم جي غير يقيني صورتحال ناهي، ملڪ ۾ جلد وڏي سيڙپڪاري ايندي، معيشت جا سمورا اشاري بهتري طرف وڃي رهيا آهن،معاشي صورتحال بابت غلط فهميون پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي.