ملڪ جو آئين واضح آهي، پارليامينٽ سڀ کان اعليٰ ايوان آهي: رضا رباني
November 26, 2018 at 4:26 pmپشاور (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر ميان رضا رباني چيو آهي ته ملڪ جو آئين واضح آهي پارليمينٽ سڀ کان اعليٰ ايوان آهي پر آزادي کان وٺي هن وقت تائين سياسي ايليٽ آئين جي غلط تشريح ڪئي آهي رضا رباني خيبرپخوتنخواهه جي گادي واري هنڌ ۾ يونيورسٽِ آف پشاور جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته برطانيا ۾ آئين تحريري نه آهي پر پارليماني نموني ملڪ هلي ٿو هن چيو ته سياسي ايليٽ جو فائدو هجي ته آئين ٺيڪ مفادن جي خلاف هجي ته غلط ٿي وڃي ٿو ادارن کي آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو سينيٽر رضا رباني چيو ته بااثر سياستدان هاڻي گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي آئيني طريقي سان نه پيا هلائين هن قونصل جو وسيلن جي ورڇ ۾ اهم ڪردار آهي ان جي اجلاس جي سربراهي وزيراعظم کي پاڻ ڪرڻ گهرجي هن چيو ته مرڪز کي مڃيندڙ 18هين ترميم کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن جيڪڏهن صوبن کي محرومين مان نه ڪڍيو ويو ته خطرا وڌڏي ويندا ميان رضا رباني چيو ته ماڻهو ٻاهران ادارا ٺيڪ ڪرڻ نه ايندا عوام کي بنيادي حق ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي هن چيو ته رياست جي زمي بنيادي حق هاڻي ماڻهو پاڻ پورا ڪري رهيا آهن عوام بجلي پاڻي ۽ تحفظ سميت ٻيون ضرورتون پنهنجي مدد پاڻ تحت پورا ڪري رهيا آهن رضا رباني چيو ته آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ڪندڙ پرويز مشرف دبئي ۾ ويٺو آهي آئين هي ادارن تي پهرو ڏيڻ جو اختيار ڏي ٿو رضا رباني چيو ته عجيب لڳي ٿو ته اڄ 73 جي آئين ۽ ادارن جي ڳالهه ٿي رهي آهي آزادي کان پوءِ هن وقت تائين اسان مخلص ليڊرشپ، انصاف ۽ مضبوط ادارا گهري رهيا آهيون.