ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو پهرين ترجيح آهي: نيب چيئرمين

December 21, 2018 at 5:18 am

لاهور(م ڊ) قومي احتساب بيورو جي چيئرمين ڊي جي نيب لاهور کي ميگا ڪرپشن ڪيسن کي ترجيحي بنيادن تي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال نيب لاهور آفيس جو دورو ڪيو جتي هن ڊائريڪٽر جنرل لاهور طرفنا لاهور بيورو جي گڏيل ڪارڪردگي ۽ جاچ هيٺ ڪيسن تي گڏيل بريفنگ ڏني. نيب چيئرمين 56 ڪمپنيز ڪيس، پيراگون سٽي اسڪينڊل، آشيانه اقبال ڪرپشن ۽ پنجاب پوليس فنڊن ۾ مبينا بدعنواني سميت ٻين ميگا ڪرپشن ڪيسن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته نيب ڪرپشن فري پاڪستان جي خواب کي تعبير بخشڻ جي لاءِ ڪوشان آهي جڏهن ته ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو نيب جي پهرين ترجيح آهي. نيب چيئرمين هدايت جاري ڪندي چيو ته ميگا ڪرپشن جي ڪيسن کي ترجيحي بنيادن تي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي جنهن جي لاءِ ميرٽ، شفافيت ۽ خاص ثبوتن جي بنياد تي قدم کنيا وڃن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو